رگهو ونش

رگهو ونش (Raghu vansa): پنجين صدي عيسويءَ ڌاري سنسڪرت زبان ۾ ڪاليداس جي لکيل مهاڪاويائن (عظيم نظمن) مان هڪ ’رگهو ونش‘ به آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ ’رگهوءَ جي سلطنت‘ آهي. هي مهاڪاويه، 19 ڪينٽوز ۽ 1570 شعرن تي مشتمل آهي. رامائڻ مان ورتل موضوعن سان واسطيدار ’رگهو ونش‘ (مهاڪاويه) ۾ قديم هندستاني راجائن جي ’سوريه بادشاهت‘ (سج جي بادشاهيءَ) جي ترقيءَ ۽ زوال جو ذڪر آهي، جنهن جو عروج (Climax)، اڳتي هلي رام ۽ سيتا جي ڪهاڻيءَ تي مبني ’رامائڻ‘ لکي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو